قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ مشاخ اسٽاپ تي  ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرالر ڪلٽي 2 ڄڻا فوت

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ مشاخ اسٽاپ تي  ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرالر ڪلٽي ٿي ڇنڊڻ موري ۾ ڪري  پيو جنھن ۾ 2 ڄڻا ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت ٿي ويا فوتي اعجاز ولد محمد نواز ضلع جهنگ جو جو رھواسي ۽ فوتي حسيب ولد محمد اسلم صادق آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ٻنهي جا لاش تعلقہ اسپتال قاضي احمد ۾ آندا ويا بعد ۾ وارثن حوالي ڪيا ويا

Advertisements

شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ صديق ٽنگڙي ۾ پلاٽ جي پراڻي تڪرار تان ٽنگڙي ۽ نظاماڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو جوابدارن جي گرفتاري لاء ٿاڻي اڳيان احتجاج۔

رپورٽ بلاول ٿهيم شيخ ڀرڪيو


شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ صديق ٽنگڙي ۾ پلاٽ جي پراڻي تڪرار تان ٽنگڙي ۽ نظاماڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻو استعمال سبب 50 سالا محمد صديق ٽنگڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي شيخ ڀرڪيو ٿاڻي مان ليٽر ملڻ بعد وارث B H U راڄو کڻائي ويا جڏهن ته ٽگڙي برادري جي ماڻهن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاء شيخ ڀرڪيو ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو۔

دولتپور ۾ نوجوان تباھ ٿي رهيا آھن   ,,,سماج ننڊ جون گوريون کائي ستل آھي

دولتپور رپورٽ اسد علي سومرو

شھیدبینظیرآباد ضلعي انتظامي لاپرواهي .غفلت .سبب سماجي براين جي ور چڙھي ويو آھي منشيات چرس .آفيم .ڪچو شراب . ڀنگ .هيروئن سميت پابندي پيل نشي واريون سوپاريون .اسپريٽ .ميڊيڪل اسٽورن تي نشي واريون انجيڪشن جو وڪرو ۽ عام واهپو بدستور جاري آھي .
ضلعي جي ھر شھر جي مختلف رهائشي علائقن توڙي ڪالونين ۾ منشيات جو ڪاروبار جاري آھي پوليس پاران ڪيل ڪاروايون ڪو به نتيجو ناهن ڏئي سگهيون ,ان سلسلي ۾ ورتل جائزي موجب ضلعي ۾ سماجي براين جي ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آھي
حڪومت پاڪستان پاران پابندي وڌل نشي وارين  سوپارين جو ڪاروبار پنهنجي عروج تي آھي ڊيلر سري عام ديد دليري سان نشي وارين سوپارين جي رسد جاري رکي آھي نشي وارين سوپارين جي عام واهپي ,وڪري سبب نوجوان ,معصوم ٻارڙا
,عورتون ,مرد ,پيرسن ,معذور ماڻھو سميت هزارين نوجوان سخت متاثر ٿي رهيا آھن .اهڙي عمل بعد به قانون جا رکوالا پوليس ,سياسي ,سماجي ,ادبي ,شھري حلقا خاموشي اختيار ڪري نئين نسل کي تباھ ٿيندي ڏسي رهيا آھن
هتان جي باشعور عوام سنڌ جي  آء ,جي پوليس ,ڊي,آء ,جي شھيد بينظيرآباد ,ايس ,ايس,پي شھيد بينظيرآباد توڙي ضلعي جي پوليس ٿاڻي جي ايس,ايڇ ,اوز   کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته  شھر اندر سماجي براين ,نشي  جي ڪاروبار ,نشي جي سوپارين سميت ٻئي سماج دشمن ڪاروبار کي روڪي ان ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سري عام  روڊ تي گهلي عوام اڳيان آندو وڃي , هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ آھي ته نشي وارين سوپارين هلائيندڙ ڊيلرن خلاف ڪيترائي ڀيرا ڪاروائي ڪئي آھي انهن کي جيل به موڪليو آھي پر تنهن هوندي به اهڙو عمل جاري رهڻ اسان لاء چيليج آھي۔

سيوهڻ شريف آراضي ڀرسان انڊس هائي وي تي ڪار جو مينهن کي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ مينهن موقعي تي مري وئي

سيوهڻ شريف آراضي ڀرسان انڊس هائي وي تي ڪار نمبر AMP 751 جو مينهن کي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ مينهن  مري وئي جڏهن ته ڪار کي به ڪافي نقصان رسيو آھي متاثرين جو تعلق دادو جي ڀٽي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي.

ڄامشورو پوليس ڪمپلين سينٽر تي ويٺل ڊيوٽي آفيسر مانجھند مان شڪايت کڻي آيل کي واپس ڪري ڇڏيو۔


ڄامشورو پوليس ڪمپلين سينٽر تي ويٺل ڊيوٽي آفيسر مانجھند مان ايس ايڇ او جي شڪايت کڻي ايندڙ امير بخش خاصخيلي کي ڌمڪيون ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو، انصاف جي اميد کڻي آيل احتجاج ڪندي داھيون آھي ته اسان کي ايس ايڇ او مانجھند تنگ ڪري ٿو ڪجھ ڏينھن پھريان ايس ايڇ او جو نياپو کڻي آيل کي دوڪاندار موٽائي ڇڏيو جنھن تان دوڪاندار مٿان پوليس منشيات جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي۔ھن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کان گھر ڪئي آھي ته اسان جي مامري جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي۔

نصرت سحر عباسي سنڌ اسيمبلي ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي داخلا پاليسي ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ڊوميسائيل کي الڳ الڳ لکڻ تي وي سي ۽ رجسٽرار معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو۔

نصرت سحر عباسي سنڌ اسيمبلي ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي داخلا پاليسي ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ڊوميسائيل کي الڳ الڳ لکڻ تي وي سي ۽ رجسٽرار معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو. سنڌ سرڪار کان جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو آھي.

قاضي احمد بجلي جي ڪرنٽ ۾ نوجوان فوت

قاضي احمد بجلي جي ڪرنٽ ۾ نوجوان فوت قاضي احمد استاد نظير احمد سومرو جو نوجوان پٽ ظھور احمد سومرو پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو
سندس جي جنازي نماز ڳوٺ گھرام مري ۾ ادا ڪئي ويندي ٻئي پاسي  فوتي نوجوان جي گھر ۾ قھرام متل آھي۔